ڪراچي – 27 – سيپٽمبر (ا?? پي پي) صدر آصف علي زرداري شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم شهيدن ۽ انهن ج?? خاندانن جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ بي مثال قربانين جي لاءِ احسانمند رهندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بي??ن موجب صدر ڪراچي ۾ ڊپٽي ڪمشن?? ذاڪر بلوچ شهيد جي گهر ويو ۽ شهيد جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ان موقعي تي شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي، ڊپٽي ڪمشن?? ذاڪر بلوچ مستونگ، ب??وچستان حملي ۾ شهيد ٿيو هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته شهيد ذاڪر بلوچ قومي ذميواري سرانجام ڏيندي شهادت ماڻي، پوري قوم شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته پوري قوم شهيدن ۽ انهن ج?? خاندانن جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ بي مثال قربانين جي لاءِ احسانمند رهندي. صدر شهيد جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو ۽ وارثن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.