لاهور- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليس ڪانسٽيبل عبدالحميد جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪندي واقعي ۾ ملوث ذميوارن ک?? انجام تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب محمد شهباز شريف واق??ي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيد اهلڪار جي بلند درجن ۽ ڏکويل ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته پي ٽي آ??ِ هميشه احتجاج جي بهاني تشدد وارو رستو اختيار ڪيو آهي. هن چيو ته ان سياسي پارٽي ماضي ۾ سرڪا??ي ٽي وي چينل تي حملو ڪيو ۽ پارليامينٽ هائوس جو دروازو ٽوڙيو. وزيراعظم واقعي ۾ ملوث سمورن ذميوارن ک?? انجام تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي.