اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي ضلعي دڪي ۾ ڪوئلي ج?? کاڻ تي ڪم ڪندڙ پورھيتن تي ھٿياربندن جي حملي ج?? سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ج??هن ۾ 20 پورھيت فوت ٿيا آھن. جاري ڪيل بيان ۾ گھرو وزير محسن نقوي واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي فوت ٿيل پ??ره??تن جي وارثن سان دل?? ھمدردي ۽ تعزيت جو اظھار ڪيو ۽ زخمين جي ج??د صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. گھرو وزير محسن نقوي چيو ته حڪومت فوتي پورھيتن جي گھرڀاتين جي غم ۾ براب?? جي شريڪ آھي ۽ ڏک جي هن گھڙي ۾ وارثن سان گڏ آھيون. ھن وڌيڪ چيو ته فائرنگ جي واقعي ۾ ملوث شرپسندن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، بي گناھه پورھيتن کي قتل ڪرڻ وارا ڪنھن به قسم جي رعايت جا حقدار نه آھن.