گلگت – 07 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت گل??ت بلتستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لا??ِ قدم کڻي رهي آهي، گل??ت بلتستان ۾ سياحت ۽ توانائي جي شعبن ۾ ترقي جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي جي بهتري لا??ِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ديامير ڀاشا ڊيم جي تعمير سان 16 هزار 500 نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ گل??ت بلتستان ۾ زراعت جي شعبي کي فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت جي دوري دوران نگران وڏي وزير مير افضل پاران مجموعي صورتحال تي ڏني ويندڙ بر??فنگ جي موقعي تي ڪيو. صدر چيو ته گل??ت بلتستان جو صوبو پاڪستان جي لا??ِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، حڪومت علائقي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لا??ِ قدم کڻي رهي آهي، گل??ت بلتستان ۾ سياحت ۽ توانائي جي شعبن ۾ ترقي جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. هن چيو ته گل??ت بلتستان جي ترقي لا??ِ صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي جي بهتري لا??ِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، گل??ت بلتستان جي ترقي لا??ِ ڏورانهن علائقن تائين صحت ۽ تعليم جون سهولتون پهچائڻيون پونديون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ان موقعي تي ديامير ڀاشا ڊيم تي پڻ بر??فنگ ڏني وئي.