اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو آهي ته پاڪ – سعودي لاڳاپا سدائين وانگر مضبوط ۽ مستحڪم آهن، اسان تاريخي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ سعودي سفير نواف سعيد المالڪي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. سينيٽر ش??لي فراز چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل اسلامي قدر رکندڙ آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جو تعلق هڪ دلين جو رشتو آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان جي عوام خادمين الح??مي?? الش??يف??ن جو بي حد احترام ڪري ٿي، هن چيو ته اسان شهزاده محمد بن سلمان جي ويزن 2030ع کي ساراهيون ٿا، اهو موجوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ آهي.