اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم ش??هه محمود قريشي چيو آهي ته فنانس بل جي حوالي سان ميمبرن ??ي آگ??هه ڪيو ويو آهي، ميمبرن کي حق آهي ته پيش ڪي?? بل بابت کين آگ??هه ڪيو وڃي. حڪومتي پارلياماني پارٽي اجلاس کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳاله??ئي??دي پرڏيهي وزير چيو ته فنانس بل جي حوالي سان ناڻي واري وزير ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏنا جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ ايڪٽ ۾ ترميم جي حوالي سان شڪ شبهن کي خت?? ڪي?? ويو. پرڏيهي وزير چيو ته پارليامينٽ کي اهو حق حاصل آهي ته جيڪڏهن ڪٿي قانوني جهول کي خت?? ڪرڻ ضروري هجي ته سادي اڪثريت سان ان ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي، هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ايڪٽ ۾ ترميم جي حوالي سان ميمبرن ??ي آگ??هه ڪيو ويو، ڪابينا جي خصوصي اجلاس ۾ به فنانس بل تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.