بيجنگ – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيني قيادت جي خصوصي دعوت تي اعليٰ سطحي وفد ??ان گڏ 4 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيجنگ پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ مان جاري بيان موجب چين جي سفير ووجائي ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق وزيراعظم جو هوائي اڏي تي استقبال ڪيو. وزيراعظم بيجنگ ونٽر اولمپڪس 2022ع جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ صدر شي جنگ پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ ??ان ٻطرفي معاملن تي ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻنهي ڀائرن ملڪن جي وچ ۾ خاص طور تي سي پي?? فريم ورڪ تحت واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ان گڏوگڏ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملا بحث هيٺ ايندا. ان موقعي تي وزيراعظم چين جي مشهور ڪاروباري اڳواڻن، مشهور ٿنڪ ٽينڪس، دانشورن ۽ مي??يا جي نمائندن ??ان آن لائن ملاقاتن کانسواءِ اهم ٻطرفي ملاقاتن ۾ به شريڪ ٿيندو.