اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شڪايت تي فوري دادرسيءَ جي نتيجي ۾ راولپنڊي جي ٻن بيواهه ڀي??رن کي 22 سالن کانپوءِ ور??ثتي ملڪيت جو حق ملي ويو. پرائم منسٽر ڊيليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) پاران جاري تفصيل موجب ٻن بيواهه ڀي??رن تنظيم اختر ۽ تنوير سهراب پنهنجي ور??ثت ۾ زمين تي قبضو ۽ ور??ثت جي ورڇ جي معاملي جي حوالي سان پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شڪايت ڪئي هئي جنهن تي وزيراعظم عمران خان فوري نوٽيس ور??و.
ٻنهي بيواهه ڀي??رن جي پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شڪايت ۾ چيو ويو هو ته ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر روينيو بنا موقف ڄاڻڻ جي ان جي شڪايت کي خارج ڪيو تنهن ڪري اسان جي دادرسيءَ ڪئي وڃي. پي ايم ڊي يو موجب وزيراعظم پنجاب جي چيف سيڪريٽري کي ان حوالي سان انڪوائري جي هدايت ڪئي هئي. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي هئي ته راولپنڊي ڊويزن جي سمورن روينيو آفيسرن جي ڪارڪردگي جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي. وزيراعظم جي حڪم نامي ۾ چيو ويو ته اعليٰ آفيسر پنهنجي ماتحت آفيسرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن. راولپنڊي جي سرڪاري آفيسرن جي ڪارڪردگي رپورٽ جلد وزيراعظم آفيس موڪلين. سرڪاري آفيسرن جي عوامي شڪايتن بابت ڊيش بورڊز جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي، آفيسر عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻ??. ٻئي طرف ٻن بيواهه ڀي??رن تنظيم اختر ۽ تنوير سهراب پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته هي ڏينهن اسان جي لاءِ انتهائي خوشي جو ڏينهن آهي جڏهن 22 سالن جي جدوجهد کانپوءِ اسان کي اسان جو ور??ثتي حق مليو آهي، ان تي اسان الله تعاليٰ آڏو شڪراني جو سجدو ادا ڪريون ٿيون، وزيراعظم عمران خان جون ٿورائتيون آهيون ۽ ان جي لاءِ دعاڳو آهيون ته الله تعاليٰ سندس حامي ۽ ناصر هجي.