اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) ۾ وڏي پئماني تي مالي گهپلن جو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ سرڪاري ملازمن بي آءِ ايس پي مان ناجائز فائدو کنيو، 2037 آفيسر بايوميٽرڪ ذريعي وظيفا وٺندا ر??يا، بي آءِ ايس پي جي آفيسرن کي برطرف ڪيو ويو جڏهن ته سمورا ڪيس ايف آءِ اي کي ڏينداسين، دوکيبازي ۽ مدد ڪندڙن جي خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪيا ويندا، س??ڪاري آفيسرن ۾ اڪثر گهرڀاتي?? ذريعي فائدو کڻندا ر??يا. اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شهزاد اڪبر بي آءِ ايس پي ۾ اعليٰ سرڪاري آفيسرن پاران فراڊ ذريعي مالي فائدا حاصل ڪرڻ بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ سرڪاري آفيسرن غريبن جا حق ماريندي بي آءِ ايس پي مان فائدو کنيو.