سيالڪوٽ – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اسان نئين ۽ خوشحال پاڪستان جو بنياد رکي ڇڏيو آهي، ان بنياد تي تعمير ٿيندڙ عمارت ڪرپشن کان پاڪ، م??اشي ۽ اقتصادي طور تي مستحڪم ۽ مثالي پاڪستان جي ضامن ثابت ٿيندي، وزيراعظم عمران خان ليڊر آهي جيڪو ايندڙ نسلن جي روشن مستقبل جو سوچي ٿو، سياستدان ته رڳو پنهنجي ايندڙ اليڪشن جو سوچين ٿا ۽ ٽائم پاس ڪن ٿا، هنرمند پروگرام تحت پنجاب ۾ نيوٽا ذريعي 50 هزار ماڻهن جڏهن ته مدرسن جي 75 شاگردن کي تربيت يافته بڻائڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، پهريون ڀيرو بئنڪ آف پنجاب کي عوام جي خدمت لاءِ استعمال ??يو پيو وڃي، م??ضي ۾ ان بئنڪ کي به دوستن جي فيڪٽرين ۽ ڪارخانن کي پهرين قرضن جي فراهمي ۽ پوءِ معافي جي لاءِ استعمال ??يو ويندو رهيو آهي. هو ڪامياب جوان پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.