اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سندس چين جي دوري جو مقصد ڪرونا وائرس جي حوالي سان پاڪستان طرفان چين?? حڪومت عوام سان يڪجهتي جو اظها?? ڪرڻ آهي. چين جي دوري تي روانگي کان اڳ صدر چيو ته کيس ان دوري جي دعوت سندس چيني هم منصب شي جن پنگ ڏني آهي، چين ان مشڪل وقت ۾ پاڪستان طرفان تعاون ۽ ان تي ڪيل ڀروسي تي ٿورو اد?? ڪرڻ چاهي ٿو.