اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ڪورونا وائرس جي مريضن جي لاءِ بيڊز ۽ آڪسيجن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان ??و اظهار ڪندي چيو آهي ته علائقائي ۽ عالمي تجربي کي سامهون رکندي اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته ڪورونا جي روڪٿام جي حوالي سان ??ختيار ڪيل حڪمت عملي جا بهتر نتيجا سامهون آيا آهن، سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مقامي اڳواڻن ۽ ڪميونٽي جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ٽائيگر فورس جون خدمتون به حاصل ڪيون وڃن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال ۽ وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان ??ختيار ڪيل حڪمت عملي جي حوالي سان ??ائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪورونا جي صورتحال، سڄ?? ملڪ جي اسپتالن ۾ آڪسيجن بيڊز جي انگ ۾ اضافي جي صورتحال، آڪسيجن جي طلب ۽ سپلاءِ، ملڪ جي وڏن شهرن جي متاثر علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ ۽ عيدالاضحيٰ جي حوالي سان ??يار ڪيل ايس او پيز بابت معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. وزيراعظم کي چئني صوبن، آزاد ڄمن ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي اسپتالن ۾ ڪوويڊ جي لاءِ مخصوص بيڊز جي انگ ۾ اضافي جي لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي.