مظفر آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي عوام جي آزادي جي جدوجهد کي طاقت جي زور تي دٻائي نٿو سگهجي، مودي جي انتهاپسند حڪومت مسلمانن تي ظلم جي انتها ڪري چڏي آهي، آر ايس ايس هٽلر نازي جي سوچ اختيار ڪئي آهي جيڪا پاڻ ڀارت جي تباهي جي ٻڌل آهي، 5 آگسٽ کان پهرين ڪشمير مسئلي کي پوري دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو، حڪومت لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فائرنگ سبب متاثر خاندان?? جي هر ممڪن مدد جاري رکندي، ا??ساس ??روگرام تحت مالي مدد کانسواءِ پوري آزاد ڪشمير ۽ ضم ٿيل ضلع?? جي سمو??ن ماڻهن کي صحت ڪارڊز به فراهم ڪيا ويندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار لائن آف ڪنٽرول جي رهواسي?? جي لاءِ احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.