اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي مطالعي هيٺ 10 بهترين ڪتاب شيئر ڪيا آهن جن ۾ سياست، تا??يخ، صوفي ازم، مصنوعي ذهانت ۽ فلڪيات جهڙا موضوع شامل آهن. هن پنهنجي تجزياتي راءِ به جديد دنيا جي ڏس ۾ پيش ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر هڪ تفصيلي وڊيو پيغام ۾ ٻڌايو ته وسيع مطالعي جو مقصد الله جي ڪائنات، صوفي ازم، جم??وريت، پاڪستان، مصنوعي ذهانت جي لاءِ ا?? جي دلچسپي ۽ عالمي امن ۽ ترقي جي ڳولا هئي. صدر عوام کي ڊيرون ايسي موگلو ۽ جيمز اي رابنس?? جي ڪتاب ”اڪنامڪ اوريجن آف ڊڪٽيٽرشپ اينڊ ڊيموڪريسي“ پڙهڻ جي تجويز ڏني جنهن ۾ دنيا ۾ جم??وريت?? جي بحالي جو تجزيو پيش ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ صدي?? جي جدوجهد ۽ اشرافيه جي جم??رويت جي خلاف مزاحمت جي ذريعي عوام جا حق ڊڪٽيٽرن کان واپس وٺڻ جي مشڪل سفر جي وضاحت ڪئي وئي آهي. ايس ايم ظفر جي ڪتاب ”تاريخ ۾ جم??وريت ۽ اسلام“ چار خليف?? جي چونڊ دوران جم??وري عمل ۽ ا?? جي ذريعي جم??وري ۽ عدالتي ادار?? جي قيام تي روشني وڌي وئي آهي. اها اسلامي تا??يخ ۾ مشاورت جي طريق?? جي ارتقا ۽ اهميت کي اجاگر ڪري ٿي. ان ڪتاب ۾ حضرت عمر رضه جي هڪ خط جو حوالو ڏنو ويو آهي جنهن ۾ هن پنهنجي هڪ جج کي ماڻهن تا??ين پهچ برقرار رکڻ، ڌرين کي سهولت فراهم ڪرڻ، فيصلن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ عد?? جي منافي سمجهڻ تي فيصلن ۾ ترميم ڪرڻ جي نصيحت ڪئي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اهو به زور ڏنو ته جڏهن هو ش??ايت ڪندڙ?? جي مفاد عامه جي فيصل?? جي خلاف درخواستون ٻڌي ٿو ته غريب ۽ پري کان ايندڙن جو خاص خيال رکي ٿو. وائل بي هلق جي ڪتاب ”دي امپاسيبل اسٽيٽ“ اسلام، پاليٽڪس، اينڊ ماڊرينٽي“ اسلامي تا??يخ ۾ قانونسازي جي عم?? جي تا??يخي ارتقا جو جائزو وٺي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلامي رياست جي پنج بنيادي اصول?? جي وضاحت ڪئي جن ۾ جان ۽ ما?? جي حفاظت، سڀني جي لاءِ فڪر، عقيدي جي آزادي ۽ هڪ آزاد معاشري کي فروغ ڏيڻ شامل آهي. صدر ايلف شفق جي مولانا رومي ۽ شمس تبريز تي لکيل ڪتاب ”دي فورٽي رولز آف لو“ پڙهڻ جي پڻ سفارش ڪئي آهي، جيڪو صوفي ازم ۽ رومي ۽ تبريزي جي وچ ۾ گهري دوستي تي روشني وجهي ٿو. قرآن مجيد کي انسانيت جي لاءِ رهنما قرار ڏيندي، رومي محبت بابت هڪ منفرد موقف پيش ڪيو: ”پاڻ سان محبت ڪريو، پنهنجي خاندان سان محبت ڪريو، پنهنجي پاڙيسرين سان محبت ڪريو، پنهنجي ملڪ سان محبت ڪريو، انسانيت سان محبت ڪريو، الله تعاليٰ جي تخليق ڪيل هر شيءَ سان محبت ڪريو، پنهنجي نبي ﷺ سان محبت ڪريو، ۽ الله سان محبت ڪريو“، ماڻهن کي محبت جي سفر جي شروعات ۽ قرب الاهي تا??ين وڃڻ جي ترغيب ڏي ٿو.