اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٽانڪ ۾ ججن جي قافلي تي فائرنگ جي ??خت مذمت ڪندي فائرنگ ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن ??ي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شهيد ??هلڪارن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي ??عا ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهيون. هن حملي ۾ مارجي ويل سيڪيورٽي اهلڪارن جي ??رجن جي ??لندي لاءِ پڻ دعا ڪئي.