اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قانون واري ??فاقي وزير ڊاڪٽر ف??وغ نسيم ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب برساتن کانپوءِ سنڌ صوبي جي صورتحال ۽ خاص طور تي ڪراچي جي معاملن تي غور ??يو ويو. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته ڪراچي جي عوام جي مشڪلاتن جو مڪمل احساس آهي. ڪراچي کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.