اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سف??ر کي ڪڍڻ ۽ فرانس سان لاڳاپا ختم ڪرڻ سان فرانس جو ڪجهه نه بگڙجندو، يورپي ۽ اولهه ملڪ ناموس رسالت صه جي معاملي کي اظهار جي آزادي جو مسئلو سمجهن ٿا، فرانس کانپوءِ اسان ٻئي ڪهڙي م??ڪ جي سف??ر کي واپس موڪلينداسين، 50 اسلامي م??ڪن مان ڪٿي به اهڙي قسم جا مظاهرا نه ٿيا نه ڪنهن سف??ر کي واپس موڪليو، مسلمان دنيا کي گڏجي اولهه کي سمجهائڻو پوندو ته اهو اظهار جي آزادي جو مسئلو نه آهي، آئون ان جي ذميواري کڻان ٿو ۽ ان ??هم جي قيادت ڪندس، گذريل هفتي جي صورتحال سان ملڪ جو تمام گهڻو نقصان ٿيو، ٻ??هر جا دشمن به ان صورتحال ۾ شامل ٿي ويا، 4 لک ٽوئيٽس مان 70 سيڪڙو جعلي اڪائونٽس تان ڪيا ويا، ڀارت جعلي ويب ??ائيٽن ذريعي پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي، (ن) ليگ ۽ مولانا فضل الرحمان جي پارٽي به حڪومت کي نقصان پهچائڻ لاءِ گڏجي ويا. پاڪستان ٽيليويزن تي قوم کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته گذريل هفتي دوران افسوسناڪ حالتون پيش آيون.