اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان لاهور روانو ٿ?? ويو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيرا??ظم حڪومت جي ڪلين اينڊ گرين پاڪستان ويزن موجب لاهور جي علائقي سگيان ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي مياواڪي فاريسٽ جو افتتاح ڪندو. لاهور ۾ اهڙا 53 لڳايا پيا وڃن جيڪي لاهور جي فضا ۾ ڪاربن جي مقدار کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. 100 ڪينال تي ??ڌل جديد ٽيڪنالاجي سان لڳايل انهي ٻيلي ۾ مجموعي طور تي هڪ لک 65 هزار ٻوٽا پوکيا پيا وڃن جيڪي عام ٻيلن جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻي وڌيڪ رفتار سان وڌندا آهن. وزيرا??ظم ان موقعي تي ٻوٽو به پوکيندو. ان کانپوءِ وزيرا??ظم لاهور ۾ اهم اجلاسن جي صدارت به ڪندو.