اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس (سي پي جي) جي سربراهه سٽيون بٽلر سومر ڏينهن رابطو ڪري افغانستان مان ع??لم?? صحافين کي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ آزاد صحافت، صحافين ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي تحفظ جو حامي آهي. هن چيو ته پاڪستان صحافين جي حقن جي حوالي سان پنهنجي ع??لم?? ذميدارين کان چڱي ريت آگاهه آهي. افغانستان ۾ ع??لم?? ميڊيا ??ي ميمبرن کي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ خصوصي سيل قائم ڪيو آهي. سٽيون بٽلر چيو ته پاڪستان مشڪل وقت ۾ ع??لم?? صحافين جي نڪرڻ ۾ ذميداراڻو ڪردارا دا ڪيو جيڪو واکاڻ جوڳو آهي.