لاهور – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول بشريٰ بي بي پنجاب انسٽيٽيو?? آف مينٽل هيلٿ لاهور جو دورو ڪيو، خاتون اول ان موقعي تي ايمرجنسي وارڊ سميت اسپتال جي ٻين شعبن جو دورو ڪيو ۽ اتي ذهني مرض ۾ مبتلا مريضن کي ڏنل سهولتن جو جائزو ورتو ۽ مريضن جي عيادت به ڪئي، اسپتال انتظاميه خاتون اول کي مريضن کي ڏنل سهولتن بابت بريفنگ ڏني، ان موقعي تي خاتون اول چيف ايگزيڪيٽو ڊاڪٽر اشرف سان مريضن کي ڏنل سهولتن ۽ کاڌي پتي جي سهولتن بابت معلومات حاصل ڪئي، خاتون اول اسپتال ۾ ٺهيل بورچي خاني جو به دورو ڪيو ۽ مريضن کي ڏنو ??ين??ڙ کاڌي جي معيار جو به جائزو ورتو، هن اسپتال انتظاميه کي هدايت ڪ??ي ته مريضن کي علاج جي بهترين سهولتن سان گڏوگڏ کاڌي جي معيار کي وڌيڪ بهتر بنايو وڇي، هن انسٽيٽِيوٽ کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي، هن اسپتال انتظاميه کان پڇيو ته ڇا انسٽيٽيوٽ ۾ ڏنيون ??ين??ڙ سهولتن مان مريض مطئمن آهن ۽ توهان ڪهڙي طرح ان کي وڌيڪ بهتر ٺاهي سگهو ٿا ان حوالي سان هن انتظاميه کي هدايتون ڏنيون ته مريضن کي بهترين سهولتون ڏيڻ جي حوالي سان تحريري طور تي پنهنجون تجويزون فراهم ڪن، اسپتال انتظاميه خاتون اول کي ٻڌايو ته مريضن کي ناشتو، ٻنپهرن جو کاڌو، ميوا، شام جي چانهه، رات جي ماني ۽ ٻيون نيوٽريشن ڏنيون ??ين??يون آهن ته جيئن انهن جي ذهني صحت کي مستحڪم بڻائي سگهجي، اسپتال انتظاميه ٻڌايو ته ايندڙ سال جون کان اڳ اسپتال ۾ شروع ڪيل منصوبا جن ۾ بلڊنگس جي تعمير سميت ٻيا منصوبا شامل آهن مڪمل ڪيا ??ين??ا، هن اسپتال انتظاميه کي ڊرگس جي عادي مريضن جي بحالي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪ??ي. خاتون اول اسپتال ۾ ذهني مريضن لاءِ قائم ڪيل مختلف بلاڪن جو به دورو ڪيو ۽ اتي انهن کي ڏني ??ين??ڙ علاج جي سهولتن جي مڪمل معلومات حاصل ڪئي، ان موقعي تي هن انسٽيٽيو?? آف مينل هيلٿ ۾ ٻوٽو به لڳايو.