اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) پر??يهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي ڪيترن ئي ملڪن جي پر??يهي وزيرن ۽ عالمي تنظيمن جي سربراهن سان خاص طور تي ڪشمير ۽ افغانستان سميت عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي ٿ??ندڙ ڳالهه ٻولهه اطمينان جوڳي رهي آهي. هن اها ڳالهه جنرل اسيمبلي جي 76 هين سالياني اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي سربراهه جي حيثيت سان 5 ڏينهن جي دوري جي پڄاڻي تي پاڪستاني ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چئي. پر??يهي وزير چيو ته هو سمجهي ٿ?? ته هاڻي عالمي ??را??ري پاڪستان جي موقف کي بهتر انداز ۾ سمجهي رهي آهي. پر??يهي وزير چيو ته وزيراعظم جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي هڪ عالمي مدبر جي حيثيت سان وسيع تر معاملن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، وزيراعظم جو خطاب مثبت ۽ تعميري هو، خاص طور تي وزيراعظم افغانستان ۾ اشرف غني حڪومت جي خاتمي ۽ طالبان جي اقتدار ۾ واپسي جي پس منظر جا سبب ڳولڻ لاءِ چيو، وزيراعظم عالمي ??را??ري آڏو ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڀارتي پروپئگنڊه جو پول کولي ڇڏيو ۽ تڪراري خطي جي حقيقي صورتحال واضح ڪري ڇڏي. وزيراعظم پاڪستان پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري خطي ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي هٿان انساني حقن جي منظم ۽ وسيع تر خلاف ورزين جي حوالي سان موثر ۽ ثبوتن تي ٻڌل جاري ڪيل ڊوزيئر جو پڻ حوالو ڏنو آهي. پر??يهي وزير چيو ته او آءِ سي رابطا گروپ سان اجلاس جي نتيجن مان هو مطمئن آهي، ان اجلاس ۾ ترڪيءَ، سعودي عرب ۽ آذربائيجان جي پر??يهي وزيرن شرڪت ڪئي ۽ ڪشمير مسئلي تي پنهنجي موقف کي ورجايو. پر??يهي وزير پنهنجي دوري دوران آمريڪي پر??يهي وزير انٿوني بلنڪن سان ملاقات سميت درجنين پر??يهي وزيرن سان ملاقاتون ڪيون، آمريڪي پر??يهي وزير سان پر??يهي وزير هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ ملاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هڪ سوال تي پر??يهي وزير چيو ته آمريڪي پر??يهي وزير سان ملاقات سٺي ماحول ۾ ٿي آهي ڇو ته ان ملاقات جو مقصد غلط فهمين کي ختم ڪرڻ هو. آمريڪي پر??يهي وزير اسان جو موقف تفصيل سان ٻڌو ۽ ان کانپوءِ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته آمريڪي پر??يهي وزير آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي شهرين جي افغانستان مان انخلا ۾ تعاون ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هڪ ٻئي سوال تي پر??يهي وزير چيو ته افغانستان ۾ حڪ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ان ڏس ۾ هن تجويز ڏني ته طالبان کي انگيج ڪرڻ ۽ انهن کي ترغيب ڏيڻ سان اهو مقصد حاصل ٿي سگهي ٿ??. پر??يهي وزير چيو ته يونٽي فار ڪنسنسز جي وزارتي اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته سلامتي ڪائونسل جي ري اسٽرڪچرنگ اتفاق راءِ سان ٿيڻ گهرجي، اجلاس ۾ سلامتي ڪائونسل جي مسقل ميمبرن جي انگ ۾ اضافي جي مڪمل مخالفت ڪئي وئي ۽ ان جي بدران غيرمستقل ميمبرن جي انگ ۾ اضافي جو مطالبو ڪيو ويو. سلامتي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي ڏس ۾ بين الحڪومتي ڳالهيون (آءِ جي اين) ايندڙ مهيني شروع ٿينديون. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو مستقل نمائندو منير اڪرم ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير اسد مجيد پڻ ان موقعي تي موجود هئا.