اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت گلگت بلتست??ن جي عوام جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتست??ن جي وڏي وزي خالد خورشيد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وڏي وزير وزيراعظم کي گلگت بلتستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن بشمول شندور روڊ، 20 ميگاواٽ هنزل پن بجلي منصوبي، تته پاني ۽ اسڪردو روڊ تي ڪم جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ تي خاص ڌيان ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي.