اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي هاءِ ڪميشن جي س??نئر سفارتڪار کي پرڏيهي وزارت طلب ڪري ڪرتار پور گوردواره درٻار صاحب ۾ هڪ انفرادي ??اق??ي تي ڀارتي شرانگيز واويلا کي رد ۽ بي بنياد پروپيگنڊا تي پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪيو ويو. ڀارتي س??ارتڪار کي ٻڌايو ويو ته اقليتن لاءِ غير محفوظ ۽ بدنام ترين ڀارت کي اقليتن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ زيب نٿو ڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڀارتي س??ارتڪار کي ٻڌايو ويو ته ان ??اق??ي کي فوري طور تي حل ڪيو ويو ۽ وضاحت ڪئي وئي. حڪومت پاڪستان اقليتن جي حقن کي سڀني کان وڌيڪ ترجيح ڏيندي آهي، پاڪستان ۾ هر ڪميونٽي جي مذهبي ۽ مقدس ماڳن جي تقدس کي يقيني بڻايو ويو آهي. ڀارتي س??ارتڪار کي چيو ويو ته هو نئين دهلي حڪومت تي زور ڏئي ته هو هندستان ۾ اقليتن سان منظم ظلم ۽ ستم جي انهن ??اق??ن جي تحقيقات ڪري جيڪي رياستي سرپرستي ۾ جاري آهن، اقليتن کي منظم طريقي سان پسماندگي ۽ بربريت جي پيش نظر، هندستان وٽ ڪٿي به اقليتن جي لاءِ ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ڪو به ٺوس موقف نه آهي. اقليتن جي لاءِ غير محفوظ ۽ بدنام ترين ڀارت کي اقليتن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ زيب نٿو ڏي، ڀارتي عملدارن کي پنهنجي اقليتن جي تحفظ ۽ عبادتگا??ن جي بي حرمتي، نفرت انگيز ڏوهن ۽ تشدد جي روڪٿام لاءِ قدمن کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.