لاهور – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ملاقات ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير وزيراعظم کي صوبي جي سياسي ۽ امن امان ??ي صورتحال ۽ ??خي??ه اندوزن جي خلاف جاري ڪ??رروائي بابت بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ چيف سيڪريٽري پنجاب ڪامران علي افضل، آءِ جي پنجاب رائو سردار علي ان ۽ پنجاب جو وڏو وزير جي پرنسپل سيڪريٽري عامر جان پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ پنجاب جي وڏي وزير وزيراعظم کي صوبي جي سياسي صورتحال، انتظامي معاملن ۽ سڄي پنجاب ۾ جاري ??خي??ه اندوزن جي خلاف جاري آپريشن، پنجاب ۾ امن امان ??ي صورتحال ۽ گورننس جي بهتري لاءِ کنيل قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني. وزيراعظم انهن قدمن کي ساراهيندي وڌيڪ بهتري آڻڻ جي هدايت ڪئي.