راولپنڊي – 08 فيبروري (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه نوشڪي بلوچستان جو دورو ڪي??، بلوچستان جو گورنر ۽ وڏو وزير، وفاقي ۽ صوبائي وزير به وز??را??ظم سان گڏ هئا. وز??را??ظم کي علائقي جي سيڪيورٽي جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي موجب ان موقعي تي وز??را??ظم فوجي دستن سان ڳاله??ن ۾ پاڪستان جي ل??ءِ لازوال قربانيون تي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. وز??را??ظم فوجين جي پيشيوراڻي مهارت جي واکاڻ ڪئي ۽ آپريشنل تيارين ۽ بهادري کي ساراهيو جنهن سان هنن دهشتگردن جي حملن کي ناڪام بڻايو. وز??را??ظم بلوچستان جي ترقي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگردن جي باقيات جي خاتمي ل??ءِ هٿياربند فوج جي حمايت جي قومي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وز??را??ظم چيو ته هڪ جامع قومي ڪوشش، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ تعاون ۽ هيٿاربند فوج جي مدد سان اسان بلوچستان جي حقيقي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻينداسين. ان کانپوءِ وز??را??ظم علائقي جي چڱن مڙسن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ انهن جي اڻ??ر حمايت ۽ بلوچستان ۾ خوشحالي ۽ ترقي ل??ءِ ڪيل حڪومتي قدمن ۾ انهن جي تعاون کي ساراهيو. هن جرڳي جي ميمبرن کي بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن جي وقت سر پڄاڻي ل??ءِ مخلصاڻو تعاون جاري رکڻ جو يقين ڏياريو. وز??را??ظم زور ڏنو ته بلوچستان جي ترقي اسان جي ترجيح ۽ پاڪستان جي مستقبل ل??ءِ انتهائي اهم آهي.