اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پ??ڪس??ان ۽ صوماليه جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي ضرو??ت آهي، پ??ڪس??ان جي ”لُڪ آفريقه پاليسي“ سان سمورن آفريقي ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن ??ي وڌيڪ فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??ڪس??ان ۾ صوماليه جي عهدو ڇڏيندڙ سفير خديجه المخزومي سان الوداعي ملاقات دوران ڪيو. صدر او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ شرڪت تي صوماليه جو ٿورو ادا ڪيو، صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو، صدر صومالي ??ارليامينٽرينز کي پ??ڪس??ان انسٽيٽيوٽ آف پارلياماني سروسز پاران پارلياماني خدمتن جي پروگرام مان مستفيد ٿيڻ جي دعوت ڏ??ي، صدر چيو ته صومالي شاگردن جو هڪ وڏو تعداد پهرين ئي پ??ڪس??اني تعليمي ادارن ۾ تعليم پرائي رهيو آهي، پ??ڪس??ان ڪافي تعداد ۾ صومالي ??ناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي ۽ ان جي پنهنجي گهرن ۾ محفوظ واپسي جو خواهشمند آهي. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ??ي فروغ ڏيڻ تي سفير جي خدمتن کي ساراهيو.