اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف افعانستان جي 10 صوبن ۾ ٻوڏ، قيمتي جانين ۽ مالي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ??يو آهي ۽ افغان عبور?? حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ??ندي فوت ٿيندڙن جي خاندانن ۽ ٻين متاث??ين سان همدردي جو اظهار ??يو آهي، عالمي برادري افغانستان ۾ ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان عوام جي هنگامي امداد جي لاءِ اڳتي وڌي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم افعانستان جي ٻوڏ متاث??ين سان همدردي جو اظهار ??ندي عالمي برادري ۽ او آءِ سي افعان هيومنٽ??ين ٽرسٽ جي فورم تان متاثر افغان عوام جي مدد جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ۽ چيو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ اڳ ۾ جاري انساني بحران ۾ وڌيڪ شدت اچڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته وقت سر قدم نه کنيا ته جاني نقصان وڌڻ جو خطرو آهي جنهن جي لاءِ فوري هنگامي قدم گهربل آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته خوراڪ، طبي امداد، بي گهر ماڻهن کي پناهگاهن جي فراهمي لاءِ عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومون افغانستان جي مدد جو پروگرام شروع ڪن. هن چيو ته افغانستان جي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ افغان عوام سان گڏ آهيون، هر ممڪن امداد ڪنداسين. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي افغانستان جي ٻوڏ متاثر عوام کي امداد جي فراهمي جو پڻ حڪم ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان متاث??ين جي لاءِ هنگامي امداد موڪلي رهيو آهي. وزيراعظم فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.