اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊاڪٽر قيصر بنگالي ۽ محمد ياور عرفان خان جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بورڊ جي پرائيويٽ ميمبرن جي حيثيت سان مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب اهي آساميون سيد سليم رضا ۽ ظفر اي خان جي استعيفائن کانپوءِ خالي ٿيون هيون، صدر ڊاڪٽر غلام محمد جي پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل جي چيئرمين جي موجوده چارج ۾ ٽن مهينن ۾ توسيع جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي. ان کانسواءِ صدر اسسٽنٽ اٽارني جنرل لا??ور ملڪ خالد شفيق جي استعيفا به منظور ڪري ورتي، ملڪ خالد شفيق کي 17 جون 2021ع تي اٽارني جنرل لا??ور مقرر ڪيو ويو هو.