اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته آهي ته بلوچستان ۾ مسلسل برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيڻ واري تباهي نا قابل بيان آهي، متاثر?? جي آبادڪاري تائين سک سان نه وينداسين، سڄي قوم متاثر ڀينرن ۽ ڀائر?? جي مدد جي لاءِ اڳتي اچي. پنهنجي ٽوئي?? ۾ ??ن چيو ته بلوچستان ۾ مسلسل برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيڻ واري تباهي ناقابل بيان آهي. حڪومت جي سڀئي ادارن ضرورتن کي سامهون رکندي ريسڪيو ۽ ريليف جو ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي. اسان ان وقت تائين سک سان نه وينداسي?? جيستائين متاثر?? جي بحالي ممڪن نه ٿئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان ٻوڏ سان پيدا ٿيل صورتحال جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي محاذن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. چيلينج وڏو آهي پر ان چيلينج کي منهن ڏيڻ جو اسان جو عزم ان کان به مضبوط آهي. آئون ??وري قوم کي اپيل ڪيان ٿو ته هو اڳتي اچن ۽ تڪليف ۾ آيل اسا?? جي ڀينرن ۽ ڀائر?? جي مدد ڪن. آئون ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ تي بلوچستا?? جي وڏي وزير، صوبائي انتظاميا، اين ڊي ايم اي ۽ فوج جو خاص طور ت?? ٿورو ادا ڪيان ٿو.