لاهور – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??اط??ه جناح انسٽيٽيوٽ آف ڊينٽل سائنسز لاهور جو دورو ڪيو ۽ اسپتال ۾ جاري تعميراتي ڪمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي به ساڻس گڏ هو. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ اسپتال جو پر??جيڪٽ ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر وحيد، صدر ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي آجيان ڪئي. ڊاڪٽر ياسمين راشد صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي اسپتال ۾ جاري تعميراتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته ان پر??جيڪٽ جي لاءِ 100 ڪينالن تي ٻڌل ڊينٽل اسپتال جي لاءِ 2005ع ۾ زمين خريد ڪئي وئي. پر??جيڪٽ ڊائريڪٽر پروفيسر وحيد ٻڌايو ته اسپتال جي تعميراتي ڪمن جي شروعات 2010ع ۾ ٿي. هن ٻڌايو ته هن وقت ان پر??جيڪٽ جي لاڳت جو ڪاٿو 347.358 ملين لڳايو ويو هو، جڏهن ته 30 جون 2022ع ت??ئين ان منصوبي تي 673.390 ملين خرچ ڪيا ويا آهن. پروفيسر ڊاڪٽر وحيد ٻڌايو ته ٿري ڊي اسپتال ج??يد اوزارن ۽ سهولتن سان ليس هوندي ۽ ان کي تمام جلد مڪمل ڪيو ويندو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسپتال ۾ جاري تعميراتي ڪمن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن عوام ان جديد ٿري ڊي اسپتال جي سهولتن مان فائدو کڻي سگهي.