اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جو 75 هون آزادي جو ڏهاڙو سڀاڻي آچر ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو، 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ تياريون عروج تي پهچي ويون آهن، ملڪ آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ??رڪاري ۽ نجي سطح تي مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون، انهن جي شروعات ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ است??ڪا?? جي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿيندي. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ??اباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح کي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ هڪ جدا وطن ٺاهڻ جي لاءِ سندس اڻٿڪ ڪوششن تي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو. ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني س??ارتخانن ۾ پرچم ڪشائي جون تقريبون ٿينديون جن ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پڻ شرڪت ڪندا. آزادي جي ڏهاڙي کان اڳ سرڪاري ۽ نجي عمارتن، بازارن ۽ مارڪيٽن کي شاندار انداز ۾ سجايو ويو آهي. آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي س??سلي ۾ قومي جهنڊا، تحريڪ پاڪستان جي بانين جون تصويرون ۽ بينرز جڳهه جڳهه تي هنيا ويا آهن. پاڪستان ٽيليويزن، ريڊيو پاڪستان ۽ ٻين ميڊيا جي ذريعن پاران ڏينهن جي مناسبت سان مختلف پروگرام جوڙيا ويا آهن، آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ??خبارون خصوصي ايڊيشن شايع ڪنديون. ڪراچي ۾ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي شاندار تقريب ٿيندي. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي لاهور ۾ علامه ڊاڪٽر محمد اقبال جي مزار تي پڻ گارڊز جي تبديلي جي خصوصي تقريب ٿيندي. ملڪ جي ٻين حصن وانگر آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي س??ورن ضلعن ۾ به آزادي جي ڏهاڙي جون تقريبون منعقد ڪيون وينديون. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي وفاقي ۽ سمورن صوبائي گادي وارن شهرن ۾ پرچم ڪشائي جون تقريبون منعقد ڪيون وينديون. ڏينهن جي مناسبت سان صدر ۽ وزيراعظم سميت اهم شخصيتن جا خصوصي پيغام جاري ڪيا ويندا. سڄي دنيا ۾ پاڪستاني س??ارتخانن ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي س??سلي ۾ خصوصي تقريبن ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ شريڪ ٿيندا. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ننڍي کنڊ جي ورڇ جي نتيجي ۾ 1947ع ۾ هن ڏينهن پاڪستان برطانيا کان آزاد ٿي و??ود ۾ آيو هو. 14 آگسٽ جو ڏينهن پاڪستان ۾ سرڪاري سطح تي وڏي ڌوم ڌام سان ملهايو ويندو آهي، پاڪستاني عوام هن ڏينهن پنهنجو قومي جهنڊو فضا ۾ بلند ڪندي باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح سميت پنهنجي قومي محسنن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي س??ورن رستن تي قومي جهنڊن جي وڪري جي لاءِ اسٽالز لڳايا ويا آهن جنهن سان اسلام آباد ۾ داخل ٿيندي ئي هر طرف سبز هلالي جهنڊن جي بهار نظر اچي رهي آهي. اهڙي طرح سڄي ملڪ ۾ سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ جشن آزادي جون تياريون عروج تي ??هن، پاڪستان سان گڏوگڏ آزادي ڪشمير جا جهنڊا به اسٽالز تي مو??ود آهن. آزادي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد آزادي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ جدوجهد ۽ پاڪستان جي قومي هيروز جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ وچن ورجائڻ پڻ آهي ته اسان سڀ گڏجي پاڪستان کي ان جي حقيقي منتقل تائين پهچائڻ جي لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين.