گابڪوچ – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان ??ي ضلعي غذر جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي غذر ضلعي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۽ بحالي جي ڪمن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم غذر ضلعي جي علائقي بوبر ۾ ٻوڏ ??بب فوت ٿيندڙ ماڻهن جي پونئيرن کي 10، 10 لک رپيا ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم پاران ??وبر ڳوٺ جي بحالي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا ڏيڻ ج?? اعلان ڪيو ويو. ان کانسواءِ وزيراعظم پاران ??وبر ۾ 5 ڪلوميٽر رستي کي پڪو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.