اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اتر وزيرستان ۾ 5 سيپٽمب?? تي انٽيلي جنس آپريشن دوران پاڪ فوج جي شهادت ماڻيندڙ آفيسرن ۽ جوانن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي قوم جي لاءِ جانيون قربان ڪرڻ تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اتر وزيرستان ۾ 5 سيپٽمب?? تي انٽيلي جنس آپريشن دوران پاڪ فوج جي شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ۽ شهي??ن کي انهن جي خدمتن ۽ قوم جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. صدر ڪيپٽن عبدالولي ۽ نائب صوبيدار محمد نواز جي پونئيرن سان ٽيليفون ت?? همدردي جو اظهار ڪيو. هن ٽيليفون ت?? حوالدار غلام علي، لانس نائيڪ محمد الياس ۽ لانس نائيڪ ??فرالله جي وارثن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر پنهنجي پيارن جي قربانين ت?? شهيدن جي پونئيرن جا قوم پاران ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي لاءِ درجن جي بلندي جي دعا ۽ گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو.