اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي رائل مليشين نيوي جي سربراهه ايڊمرل تان سري محمد رضا بن محمد ساني کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو آهي. صدر مليشين نيول چيف کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ان جي اڻٿڪ خدمتن جي اعتر??ف ۾ ايوارڊ سان نوازيو آهي. ايوارڊ عطا ڪرڻ جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. تقريب جي شروعات قومي تراني ۽ ق??آن پاڪ جي تلاوت سان ٿي. تقريب ۾ پاڪستان ۽ مليشين سامونڊي فو?? جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.