صحبت پور – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ??وڏ کا?? متاثر علائقي صحبت پور ۾ ٻن مهينن ۾ جديد ماڊل اسڪول قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هن اسڪول ۾ تعليم هيٺ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سموريون جديد سهولتون دستياب هونديون، انهن کي ٽيبليٽ ڏنا وي??دا، ان جو سڄو خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي، اهي ٻار ا??ان جو فخر بڻجندا. ??وڏ کا?? متاثر علائقي صحبت پور جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف ڪئمپ ۾ قائم اسڪول جي ٻارن ۾ گهلي ملي وي??. وزيراعظم ٻارن کان قومي ترانو به ٻڌو. جڏهن ته ٻارن نظم به ٻڌايا. وزيراعظم ٻارن کي شاباس ڏيندي چيو ته هو محنت ??ان تعليم حاصل ڪن، پاڻي لهڻ کانپوءِ انهن کي جلد پنهنجي گهرن ۾ آباد ڪيو وي??دو. انهن جي والدين جي فصل کي پهچندڙ نقصان جو معاوضو ڏينداسين، متاثر خاندانن کي 25 هزار رپيا في خاندان روڪ رقم فراهم ڪئي آهي. متاثر علائقن ۾ سٺا اسڪول ۽ اسپتالون ٺاهينداسين، متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون سڀني ادارن ??ان گڏجي ڀرپور مدد ڪنديون. هن چيو ته متاثر علائقن مان پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ عملدارن کي خصوصي هدايتون جاري ڪيون وي??ن آهن. هن چيو ته ڌيئرون ا??ان جو مستقبل آهن، اهي وڏيون ٿي قوم جو فخر بڻجنديون. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته انهن ٻارن جي لاءِ هڪ جديد ماڊل اسڪول بڻايو وڃي، جنهن جو سڄو خرچ وفاقي حڪومت کڻندي ان اسڪول جي لاءِ بهترين استادن جون خدمتون ورتيون وي??ديون. هتي تعليم هيٺ ٻارن کي ڪتاب ۽ يونيفارم مفت فراهم ڪيا وي??دا. جڏهن ته انهن کي ٽيبليٽ به فراهم ڪيا وي??دا. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف متاثرين جي لاءِ قائم ڪيل ڪئمپ ۾ طبي سهولتن جو جائزو به ورتو. ميڊيڪل ڪئمپ ۾ موجود پيراميڊيڪل اسٽاف وزيراعظم کي طبي سهولتن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ??وڏ متاثرين ??ان ملاقات ڪئي ۽ مسئلا معلوم ڪيا. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته انهن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت بحال ٿيڻ تي ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ سڀني متاثرين کي 25 هزار رپيا في خاندان روڪ رقم ادا ڪئي وڃي.