اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ متحده جي وفد وفاقي حڪومت جي ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي قدمن تي وز??راعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ تفصيلي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. متحده قومي موومينٽ پاڪستان جو ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ وفد ۾ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وز??ر فيصل سبزواري، سنڌ جو گورنر محمد ڪامران خان ٽيسوري ۽ وسيم اختر ??ام?? هئا. ان موقعي تي اقتصادي معاملن وارو وفاقي وز??ر سردار اياز صادق، وفاقي گهرو وز??ر راڻا ثناءُ الله ۽ ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وز??ر خواجه سعد رفيق پڻ موجود هئا.