اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف (اڄ سومر) بلوچستان جي علائقن صحبت پور ۽ خضدار جو دورو ڪندو. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي ريليف ۽ بحالي جي لاءِ جاري ڪوششن جو جائ??و وٺندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ضلعي انتظاميه وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي ريليف ۽ بحالي جي لاءِ جاري مختلف قدمن تي بريفنگ ڏيندي. وزيراعظم وڍ خضدار ضلعي ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي سربراهه ن??اب اختر جان مينگل ج?? رهائش گاهه تي ويندو ۽ ان جي چاچي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندو. وزيراعظم مر??وم جي ايصال ث??اب جي لاءِ فاتح خواني ڪندو.