فيصل آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) والاريل ڪشمير تي ڀارتي قبضي خلاف ڪاري ڏينهن ??ي موقعي تي لائل پور ميوزيم فيصل آباد ۽ شاگردن ريلي ڪڍي جنهن جي قيا??ت ڊائريڪٽر لائل پور ميوزيم ميان عتيق احمد ۽ ايسوسيئيشن آف پرائيويٽ اسڪولز پاڪستان جي چيئرمين خالد حيات ڪموڪا ڪئي. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن بينرز ۽ پلي ڪارڊز کڻي رکيا هئا. ڪشميرين جي حق ۾ فلڪ شگاف نعرا هنيا ويا. فضا ڀارت مرده آباد جي نعرن سان گونجي اٿي. شرڪت ڪندڙن جو پيغام هو ته ڪشمير جي آزادي تائين آواز بل??د رکنداسين.