اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي 51 هين قومي ??هاڙي جي موقعي تي گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ گ??يل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل ورثي ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل آهن، پاڪستان جي عوام گڏيل عرب امارات کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿي. اها ڳالهه هن گڏيل عرب امارات جي 51 هين قومي ??هاڙي جي موقعي تي تقريب ۾ ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران يو اي اي جي سفير کي خيرسگالي ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ وا??اري لاڳاپا اسان جي ٻطرفن لاڳاپن جو اهم حصو آهن، يو اي اي پاڪستان جو سڀ کان وڏو وا??اري حصيدار آهي جنهن جو پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي غيرملڪي سيڙپڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ گ??يل عرب امارات جي لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي جي لاءِ دعاڳو آهيون. تقريب ۾ گڏيل عرب امارات جو قومي ترانو ۽ روايتي رقص پڻ پيش ڪيو ويو جڏهن ته پارليامينٽ ميمبر، سياسي اڳواڻن سميت م??تلف ملڪن جا سفارتڪار به ان موقعي تي موجود هئا. يو اي اي جي سفير پاڪستان ۽ گ??يل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگ?? ڪيو.