اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري گلوڪاره بل??يس خانم جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته گلوڪاري جي فن ۾ بل??يس خانم پنهنجو منفرد مقام حاص?? ڪيو، بل??يس خانم جو لاڏاڻو گلوڪاري جي دنيا جو وڏو نقصان آهي، بل??يس خانم جي موسيقي ۾ خدمتن کي وڏي عرصي تائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم مرحومه جي مغ??رت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صب?? جميل جي دعا ڪئي آهي.