اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۾ سعودي عر?? جي سفير نواف المالڪي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عر?? جي وچ ۾ ا??ند?? ڏينهن ۾ سعودي ڊويلپمنٽ فنڊ جي ذريعي هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ جي معاهدن تي صحيحُون ٿينديُون. اها ڳالهه هن سعودي ٽي وي چينل ”الاخباريه?? سان ڳالهائيندي ڪئي. نواف سعيد المالڪي چ??و ته پاڪستان 1947ع ۾ جڏهن وجود ۾ آ??و ته سعودي عر?? انهن پهرين ملڪن ۾ شامل هو جنهن پاڪستان کي تسليم ڪيو ۽ مدد فراهم ڪئي. هن چ??و ته سعودي عر?? جي باني کان وٺي خادم الحرمين الشريفين سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان تائين سعودي حڪومت هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو ۽ اقتصادي ۽ مالي مدد ڪئي. هن چ??و ته سعودي عر?? ۽ پاڪستان جا لاڳاپا مثالي ۽ گهرا آهن ۽ سڀني شعبن ۾ وڌندڙ لاڳاپا آهن، تازو ئي سعودي عر?? پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو جائزو وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ سعودي ڊيپازٽ کي به وڌائڻ جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن چ??و ته ا??ند?? ڏينهن ۾ سعودي ڊويلپمنٽ فنڊ جي ذريعي پاڪستان ۽ سعودي عر?? جي وچ ۾ تيل جي شعبي ۾ هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ جي معاهدن تي صحيحُون ٿينديون. هن چ??و ته اهي قدم سعودي عر?? ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مضبوط اسٽريٽجڪ حصيداري جي عڪاسي ڪندا آهن. ان کان اڳ سعودي پريس ايجنسي جي رپورٽ موجب سعودي عر?? جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان ۾ سعودي عر?? جي سيڙپڪاري 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. شهزاده محمد بن سلمان اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ سعودي عر?? پاران ڊيپازٽ طور رکيل رقم کي به 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ تي غور ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز گذريل سال 25 آگسٽ تي پاڪستان ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو حڪم ڏنو هو. شهزاده محمد بن سلمان انهي سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ جائزي جي هدايت ڪئي آهي. گذريل سال 2 ڊسمبر تي سعودي عر?? پاڪستان جي مرڪزي بئنڪ ۾ رکيل 3 ارب ڊالر جي مدي ۾ وڌيڪ هڪ سال تائين اضافو ڪري ڇڏيو هو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان نومبر 2021ع ۾ سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ سان هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون جنهن تحت سعودي عر?? 3 ارب ڊالر اسٽيٽ بئنڪ ۾ رکيا هئا. سعودي خابرو اداري موجب سيڙپڪاري ۾ اضافي بابت جائزي جو اهو اعلان ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي وچ ۾ رابطن جي ڏس ۾ ڪيو ويو آهي.