اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ص??رتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي دفاع وارو وفاقي وزير ??واجه محمد آصف، اقتصادي ۽ سياسي معاملن وارو وفاقي وزير ??ردار اياز صادق ۽ ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير ??واجه سعد رفيق پڻ موجود هئا.