اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ترڪيه، شام ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ زلزلي سبب تباهي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قدرتي آفتن سان تباهي جي شدت دنيا جو اجتماعي ڌي??ن گهري رهي آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته ترڪيه، شام ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ وڏي جاني نقصان سبب ڏک آهي. ??تا??ر خاندانن سان دلي همدردي آهي. هن چيو ته دنيا قدرتي آفتن جي مقابلي لاءِ متحد نه ٿي ته ڪير به نه بچندو. هن چيو ته ڏک ۽ تڪليف جي هن گهڙيءَ ۾ ??تا??ر ملڪن جي عوام س??ن گڏ آهيون، الله تعاليٰ مارجي وي??ن جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. اطلاعات واري وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.