اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيري??ري جي هڪ لک 85 هزار مستحق خاندانن جي لاءِ اٽي جو تحفو ڏنو آهي، مستحق خاندان اٽي جو تحفو (سڀاڻي) ڇنڇر کان حاصل ڪري سگ??ندا، مستحق ماڻهو مفت اٽو اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيري??ري ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي 40 پوائنٽس تان حاصل ڪري سگ??ندا، مستحق ماڻهن جي ڊيٽا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان ڳنڍيل هوندي، انتظار جي زحمت کان بچڻ ج?? لاءِ مستحق ماڻهو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ن??بر 8171 تي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ن??بر موڪلي اٽو حاصل ڪرڻ ج?? حوالي سان پنهنجي اهليت جانچي سگ??ن ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته رمضان المبارڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي مسئلن کي گ??ٽ ڪرڻ ج?? ڪوشش ڪري رهيا آهيون، مهانگائي جي دور ۾ حڪومت عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ ج?? ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. هن هدايت ڪئي ته اٽي جي فراهمي جي وقت عوام کي ڊگهي قطار جي زحمت کان بچائڻ ج?? لاءِ قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ رمضان المبارڪ دوران اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيري??ري جي عوام کي ريليف جي فراهمي جي حوالي سان اهم اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رمضان دوران وفاقي حڪومت پاران اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيري??ري جي هڪ لک 85 هزار مستحق خاندانن جي لاءِ اٽي جو تحفو ڏنو ويندو، اهي خاندان جيڪي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان رجسٽرڊ آهن ۽ جنهن جو پاورٽي اسڪور (پي ايم ٽي) 60 يا ان کان گهٽ آهي اهي 18 مارچ 2023ع کان ان سهولت مان فائدو کڻي سگ??ندا، رجسٽرڊ خاندان هڪ مهيني دوران 30 ڪلو اٽو حاصل ڪري سگ??ندو، مستحق ماڻهو مفت اٽو اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيري??ري ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي 40 پوائنٽس تان حاصل ڪري سگ??ندا، مستحق ماڻهو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ن??بر 8171 تي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ن??بر موڪلي اٽو حاصل ڪرڻ ج?? حوالي سان پنهنجي اهليت جانچي سگ??ن ٿا. ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي شڪايت جي لاءِ ٽال فري ن??بر 05590 – 0800 تي رابطو ڪري سگ??جي ٿو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي مي??بر طارق فضل چوڌري، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.