اسلام آباد – 05– اپريل (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسرائيلي فورسز پاران مسجد اقصيٰ جي ا??در فلسطيني نماز??ن تي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري هڪ بيان ۾ صدر چيو ته افسوس جو اسرائيل مذهبي جاين جي تقدس سميت انسانيت جي ڪنهن به اصول جو خيال نه رکيو، اسان کي رمضان جي مقدس مهيني ۾ نماز??ن تي ڪڌي حملي ۾ بربريت جي ا??تها ڏسڻ لاءِ ملي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها پرامن عبادت گذارن جي خلاف ان وحشياڻي ۽ غيرانساني فعل جي مذمت ڪري.