اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ صاف ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت ??ي زور ڏيندي چيو آهي ته روايتي ٻارڻ تي پاڪستا?? جو دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب ??در ڊاڪٽر عارف علوي مقامي اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل ٺاهيندڙ ڪمپني جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ??در چيو ته گرين ??رانسپورٽ آلودگي گهٽ ڪرڻ ۽ پاڪستان کي صاف بڻائڻ ۾ مدد ڏيندي، گرين ??رانسپورٽ سان ڪارب?? جو اخراج، ماحولياتي آلودگي ۽ ٻارڻ جو درآمدي بل گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ملڪ جي ترقي جي لاءِ نئين ??يڪنالاجيز ضروري آهن، ڪاروباري برادري صنعتي اپ گريڊيشن ۽ جدت تي ڌيان ڏي، جديد ٽرانسپورٽ ٽيڪنالاجيز پاڪستان ۾ نئين صنعتن کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي آهي. ??در چيو ته جديد ٽرانسپورٽ سان نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ، ملڪي سماجي ۽ اقتصادي حالت بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.