اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خ??ن کان سوال ڪيو آهي ته جيڪڏهن جنرل باجوه آمريڪا کي توهان جي خلاف ڪي?? هو ته پوءِ توهان آمريڪي سازش جي واويلا ڇو ڪئي ۽ سائفر ڇا هو؟ پي ??ي آءِ چيئرمين عمران خ??ن جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته جيڪڏهن باجوه آمريڪا کي عمران خ??ن جي خلاف ڪيو ته پوءِ امپورٽيڊ حڪومت ۽ عالمي سازش ڇا هئي؟ جيڪڏهن باجوه ۽ آءِ ايس آءِ ٻڌاي?? هو ته توهان جا مخالف چور آهن ته پوءِ توهان جا الزام ڇا هئا؟ جنرل توهان کي ۽ توهان 22 ڪروڙ عوام کي ٽرڪ جي بتيءَ جي پٺيان لڳائي رکي?? هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خ??ن چار سال پنهنجي دماغ سان رڳو ملڪ کي ڦريو باقي سڀ ٻين جي چوڻ تي ڪيو، توهان کي ڪڏهن آءِ ايس آءِ ٻين جي ڪرپشن جو ٻڌايو، ڪڏهن باجوه ٻڌايو توهان جا ثبوت ڪٿي آهن. وفاقي وزير سوال ڪيو ته ڇا باجوه پنهنجي توسيع جي لاءِ آمريڪا مان لابنگ ڪري رهيو هو ۽ توهان بند ڪمري ۾ ان کي تاحيات ايڪسٽينشن جي آفر ڪري رهيا هئا؟ باجوه هزار ڀيرا چيو هجي توهان اسيمبليون ڪنهن جي چوڻ تي ڇو ٽوڙيون؟ هن چيو ته قوم کي چار سال سمجهه ۾ نه آيو ملڪ ۽ عوام کي توهان ڪهڙي طرح، ڪيئن ۽ ڪٿان ڪٿان ڦريو، عوام ۽ ملڪ سان جيڪو ٿيو تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن ملڪ سان اهڙو ظلم ناهي ٿيو. هن چيو ته عمران خ??ن پنهنجي چار سالن ۾ رڳو پنهنجي گهرواريءَ ۽ ان جي سهيلي فرح گوگي کي نوازيو، چار سال رڳو اٽو، کنڊ، بجلي، گئس مافيا کي نوازيو. هن چيو ته ”ملڪ ۾ مارشل لاء لڳائي ڇڏيو“ جو بيان فارن فنڊڊ فتني جي اصل نيت ۽ مقصد جو ثبوت آهي، توهان سازش ڪري پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي نمائندن جي توهين ڪئي.