اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ عرا?? جي سفير حامد عباس لفتا ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ عرا?? جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا مذهب ۽ گڏيل قدرن تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي شع??ن ۾ تعاون ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ٻطرفن لاڳاپن جو حصو آهي. هن چيو ته پاڪستان مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ عراقي ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل ??هي?? آهي. عراقي سفير حامد عباس لفتا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائ?? جي لاءِ عراقي پرڏيهي وزير پاران پرڏيهي وزير کي عرا?? جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. هن مسلسل تعاون ۽ حمايت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.