مظفرآباد- 25 مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق چيو آهي ته پاڪ فوج جي شهيدن جون قربانيون اسان جو سرمايو آهن، شهيدن جي عظيم قربانين جي ڪري اڄ اسان آزاد فضائن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون، 9 مئي تي پاڪستان ۾ فوجي ملڪيتن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملن جي ڀ??پو?? مذمت ڪريان ٿو. يوم تڪري?? شهدا جي موقعي تي خاص بيان ۾ هن چيو ته 9 مئي تي پاڪستان ۾ فوجي ملڪيتن ۽ شهيدن جي يادگارن تي ڪيل حملن تي ڪشميري قوم کي ڳڻتي آهي، هٿياربند فوج پاڪستان جا جانباز ايل او سي تي جانين جو نذرانو پيش ڪن ٿا ته اسان سڪون سان سمهون ٿا، هن چيو ته حديث ??با??ڪ آهي ته اسلامي سرحد جي هڪ ڏينهن جي نگهباني دنيا فاني ۽ ان جي سمورين شين کان مٿانهين آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير جو ڪو به قبرستان اهڙو ناهي جتي ڪنهن شهيد جي قبر تي پاڪستاني جهنڊو نه ڦڙڪندو هجي. مضبوط فوج ملڪ جي سلامتي ۽ ڪشمير جي آزادي جي ضامن آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين کي اپيل آهي ته هو پاڪ فوج سان ڀ??پو?? يڪجهتي جو اظهار ڪن.