اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي وطن جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قربانين تي شه??دن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم پنهنجي شه??دن جو قدر ڪري ٿي ۽ اها انهن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 20 مئي تي ٽا??ڪ ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ نائيڪ محمد عتيق ۽ رجب علي جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر ع??رف علوي شه??دن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شه??دن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر زرغون بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي ظهير احمد جي خاندان سان پڻ رابطو ڪيو ۽ شه??دن جي وطن لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قربانين تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر چيو ته پوري قوم پنهنجي شه??دن جو قدر ڪري ٿي ۽ انهن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. صدر شه??دن جي حب الوطني جي جذبي ۽ فرض سان محبت کي پڻ ساراهيو. صدر شه??دن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي پڻ دعا ڪئي.